سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو

سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو

سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو

سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو (ڪتاب): ڏيپلائي ميمڻن جي ادبي خدمتن تي لکيل هي ڪتاب سعيده شفيق ميمڻ لکيو آهي. هي مقالو ايم.اي جي ٿيسز لاءِ لکيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ ڪجهه اضافن سان ڪتابي صورت ڏني وئي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مختصر جاگرافيائي حالت، ٿرپارڪر ضلعي جو تاريخي پس منظر، ڏيپلي شهر جو تاريخي پس منظر، ڏيپلي شهر جي تعليم ۽ ثقافت، ڏيپلي شهر جي اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف پڻ شامل آهي. هن ڪتاب جي لاءِ ٻه اکر محمد قاسم ٻگهيي ۽ مهاڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ مشهور ڏيپلائي اديبن جون تصويرون ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ٻه نقشا پڻ ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب ليکڪا پنهنجي والدين کي ارپيو آهي. 100 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڊاڪٽر شفيق الرحمان ميمڻ الرزاق ڪمپيوٽر اينڊ پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد مان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن رنگين پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو